مريم نواز پنجاب جي وزيراعليٰ جي اميدوار هوندي: شهباز شريف

لاهور (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم شهباز شريف اعلان ڪيو آهي ته پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز هوندي.

اسلام آباد ۾ مسلم ليگ ق جي سربراهه چوڌري شجاعت جي رهائشگاهه تي اجلاس کان پوءِ پريس ڪانفرنس ۾ شهباز شريف اهو اعلان ڪيو.

هن چيو ته پارٽي ۽ نواز شريف جي مشاورت سان وزيراعليٰ جي اميدوار مريم نواز هوندي.

سندس چوڻ هو ته سنڌ ۾ پ پ ۽ پنجاب ۾ ن ليگ کي اڪثريت حاصل آهي.

شهباز شريف چيو ته اسان جو اميدوار نواز شريف آهي، کيس درخواست ڪندس ته وزيراعظم جو عهدو قبول  ڪري.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.