ڪراچي سوڌو سڄي ملڪ لاءِ بجلي مهانگي ڪرڻ جي تياري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بجلي واهپيدارن تي 81 ارب 50 ڪروڙ رپين جو واڌو بار وجهڻ جون تياريون ڪيون ويون آهن.
بجلي ورهائيندڙ ڪمپنين بجلي جي اگهه ۾ واڌ جي درخواست نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) کي جمع ڪرائي ڇڏي.
واڌ جي درخواست آڪٽوبر کان ڊسمبر 2023 جي ٽن مهينن جي ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ڏني وئي آهي.
ڪيپسٽي چارجز جي مد ۾ 75 ارب 14 ڪروڙ رپيا وصول، جڏهن ته نقصانن جي مد ۾ 10 ارب 82 ڪروڙ رپيا وصول ڪرڻ جي درخواست داخل ڪئي وئي آهي.
نيپرا درخواست تي سڀاڻي ٻڌڻي ڪندي، جڏهن ته اها واڌ ڪي اليڪٽرڪ واهپيدارن تي به لاڳو ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.