اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ مراد علي شاهه چيو آهي ته ايم ڪيو ايم کي پنهنجو مزاج ٿورو تبديل ڪرڻو پوندو، ايم ڪيو ايم اڳواڻن جي ٻولي مناسب نه هئي، جڏهن ته پ پ اهو ئي فيصلو ڪندي، جيڪو ملڪ جي مفاد ۾ هوندو.
اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته سنڌ ۾ پ پ حڪومت ٺاهي رهي آهي، هي چونڊون آسان نه هيون، ماڻهن جو خيال آهي ته سنڌ ۾ آساني سان چونڊون ٿيون، اسان 5 سالن کان تياري ڪري رهيا هئاسين.
هن چيو ته گذريل ڏينهن جي ڊي اي جي پريس ڪانفرنس تي افسوس ٿيو، منهنجا پير پاڳاري سان ذاتي لاڳاپا آهن، پير پاڳاري کي جي ڊي اي استعمال ڪيو، پير پاڳارو صاحب حقيقت ڄاڻي ها ته سٺو ٿئي ها.
سندس چوڻ هو ته جي ڊي اي پير پاڳاري سان ڪوڙ ڳالهايو، پير پاڳاري کي زمينون حقيقتون نه ٻڌايون ويون، پير پاڳارو پنهنجا دوست تبديل ڪري.
You might also like