انقلابي شاعر فيض احمد فيض جو 113 هون جنم ڏهاڙو ملهايو ويو

سيالڪوٽ (ويب ڊيسڪ) ڪيترين ئي فلمن لاءِ غزل، گيت ۽ مڪالما لکندڙ انقلابي شاعر فيض احمد فيض جو اڄ جنم ڏهاڙو مليا ويو.

فيض احمد فيض 13 فيبروري 1911 تي ننڍي کنڊ جي شاعر علامه اقبال جي شهر سيالڪوٽ ۾ ڄائو. هن تعليمي مرحلا اباڻي شهر ۽ لاهور ۾ مڪمل ڪيا، پنهنجن خيالن جي بنياد تي 1936ع ۾ ادبا جي ترقي پسند تحريڪ ۾ شامل ٿيو ۽ ان عروج تي به پهتو.

ٻي عالمي جنگ ۾ هن برطانوي فوج ۾ شموليت اختيار ڪئي پر بعد ۾ هڪ ڀيور علم جي روشني پکيڙڻ لڳو جيڪا زندگي جي آخري ڏينهن تائين جاري رهي.

فيض جي شاعري جا انگريزي، جرمن، روسي، فرنچ سوڌو مخلتف ٻولين ۾ ترجما شايع ٿي چڪا آهن، سندس شعري مجموعي ۾ ”نسخه هائي وفا، نقش فريادي، نقش وفا، دست صبا، دست تهه سنگ، سروادري سينا، زندان نامه ۽ ٻيا ذڪر ڪرڻ جوڳا آهن.

هو اڪيلو ايشيائي شاعر هو جنهن کي 1963 ۾ لينن پيس ايوارڊ سان نوازيو ويو. فيض جي شاعري مجازي مسئلن تي ٻڌل ناهي پر هن حقيقي مسئلن کي موضوع بڻايو.

فيض جون فلمي انڊسٽري لاءِ خدمتون به وسارڻ جوڳيون ناهن سندس ڪلام محمد فيع، نور جهان، مهدي حسن، آشا ڀوسلي ۽ جگجيت سنگهه جهڙن گلوڪارن جي آواز ۾ رڪارڊ ڪيو ويو جڏهن ته هن ڪيترين ئي فلمن لاءِ غزل، گيت ۽ مڪالمه به لکيا.

هو 20 نومبر 1984ع تي 73 ورهين جي عمر ۾ حقيقي خالق سان وڃي مليو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.