ڪراچي (ويب ڊيسڪ) خيرپور ۾ پي ايس 80 تان نئون چونڊيل صوبائي اسيمبلي ميمبر ۽ پ پ اڳواڻ عبدالعزيز جوڻيجو لاڏاڻو ڪري ويو.
ذريعن موجب عبدالعزيز جوڻيجو ڊگهي عرصي کان بيمار هو ۽ اڄ ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
عبدالعزيز جوڻيجو بيماري سبب پنهنجي چونڊ مهم ۾ به حصو نه وٺي سگهيو هو، سندس لاڏاڻي تي پ پ قيادت افسوس جو اظهار ڪيو آهي.
You might also like