اسان جي ميمبرن کي 25 ڪروڙن جي آڇ ڪئي پئي وڃي: بئريسٽر گوهر

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ اڳواڻ بئريسٽر گوهر چيو آهي ته اسان جي ميمبرن کي 10 کان 25 ڪروڙن جي آڇ ڪئي پئي وڃي، اهو غير قانوني ۽ غير آئيني نه پر غير اخلاقي به آهي.
اڊيالا جيل ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي بئريسٽر گوهر چيو ته وزيراعظم ۽ پنجاب جي وڏي وزير جي نالن جو اعلان خميس تائين ڪنداسين.
هن چيو ته ن ليگ، پ پ ۽ ايم ڪيو ايم سان اتحاد نه ڪنداسين، پي ٽي آءِ باني پنهنجي حڪومت ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو آهي، حقيقي ڳڻپ ٿئي ته سڀاڻي ئي حڪومت ٺاهي سگهون ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.