رسل ۽ ردرفورڊ جي تباهي، ويسٽ انڊيز آخري ٽي ٽوئنٽي ۾ ڪينگروز کي مات ڏئي ڇڏي

پرٿ (ويب ڊيسڪ) ويسٽ انڊيز ٽين ۽ آخري ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ آسٽريليا کي 37 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي، جڏهن ته سيريز 1-2 تان آسٽريليا جي نانءِ رهي.
پرٿ ۾ ٽاس کٽي اڳ ۾ بيٽنگ ڪندي ويسٽ انڊيز مقرر اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 220 رنسون ٺاهيون، آندري رسل ۽ شيرفين ردرفورڊ ڇهين وڪيٽ لاءِ 139 رنسن جي ڀائيواري ۾ سڀ کان وڌيڪ ٽي ٽوئنٽي اسڪور ٺاهيو.
رسل 29 بالن تي 71 رنسن جي جارحاڻي اننگز کيڏي آئوٽ ٿيو، جڏهن ته ردرفورڊ 40 بالن تي 67 رنسن جي ناقابل شڪست اننگز کيڏي، روسٽن چيز 37، رامن پاول 21، ڪيل ميئرس 11 رنسون ٺاهيون.
جواب ۾ آسٽريلوي ٽيم مقرر اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 183 رنسون ٺاهي سگهي، ڊيوڊ وارنر 81 ۽ ٽم ڊيوڊ 41 رنسن سان اڳڀرا رهيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.