جنسي هراساني الزام معاملو، ڇا علي ظفر ميشا شفيع کي معاف ڪري ڇڏيو؟

لاهور (ويب ڊيسڪ) عالمي شهرت رکندڙ پاڪستاني گلوڪار ۽ اداڪار علي ظفر هن تي هراسانيءَ جو الزام هڻندڙ ساٿي گلوڪارا ميشا شفيع کي معاف ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.
هڪ تازي انٽرويو ۾ گلوڪار جو چوڻ هو ته ڪوڙن الزامن سان هن تي ۽ سندس خاندان گھڻو ڏکيو وقت هو هو ۽ راتو رات ولن بڻجي ويا هئا.
هن چيو ته سڀ ميڊيا چينل مون خلاف هئا ۽ ڪو ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار نه هو جنهن سان مون کي ڏک ٿيو.
گلوڪار ٻڌايو ته ان ڏکئي وقت ۾ سندس زال ۽ خاندان هن جو گھڻو ساٿ ڏنو ۽ جنهن جي ڪري هن کي ڪيس وڙهڻ جي همت ٿي.
علي ظفر چيو ته جنهن هن سان غلط ڪيو ۽ ناجائزي ڪئي هو انهن سڀني لاءِ الله کان رحم جي معافي گھرندو آهي.
واضح رهي ته اپريل 2018ع ۾ ميشا شفيع علي ظفر تي هراسان جا الزام لڳايا هئا ۽ قانوني جنگ کان پوءِ اُهي سمورا الزام ڪوڙا ثابتا ٿيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.