ڪوٽڙي: 6 ورهين جي نينگر سان مبينا بدفعلي جي ڪوشش، ڪيس داخل

ڪوٽڙي (ويب ڊيسڪ) ڪوٽڙي جي سائيٽ خدا جي بستي واري علائقي ۾ ڇهن ورهين جي جاويد چانڊيو سان جوابدار پاران مبينا بدفعلي جي ڪوشش ڪئي وئي.

ڪوٽڙي پوليس نينگر جي ناني تحمينا چانڊيو جي فرياد تي جوابدار مختيار خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو آهي.

فريادڻ ڪيس ۾ ڄاڻايو آهي ته جوابدار سندس ڏهٽي سان بدفعلي جي ڪوشش ڪئي ۽ نينگر جي رڙين تي پهتاسين ته جوابدار فرار ٿي ويو.

هن ايس ايس پي ڄامشورو کان مطالبو ڪيو ته جوابدار کي گرفتار ڪري ساڻس انصاف ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.