لاهور (ويب ڊيسڪ) وڪيٽ ڪيپر بيٽر سرفراز احمد پي ايس ايل فرنچائز ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز جي ڪپتاني ڇڏي ڏني.
پي ايس ايل 9 لاءِ ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز طرفان رائلي روسو کي ڪپتان مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سعود شڪيل نائب ڪپتان جون ذميواريون نڀائيندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته سرفراز احمد هيڊ ڪوچ شين واٽسن جي تجويز تي ڪپتاني ڇڏي آهي.
واضح رهي ته سرفراز احمد 8 سالن تائين ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز جي قيادت ڪئي، سندس ڪپتاني ۾ ٽيم 2019 ۾ ٽرافي پنهنجي نالي ڪئي هئي.
You might also like