پ پ جي اعلان تي ن ليگ جو ردعمل سامهون اچي ويو

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ پ پ طرفان وزارت عظميٰ جي اميدوار کي ووٽ ڏيڻ جي اعلان جي ظاهري طور آجيان ڪئي آهي.
ن ليگ ترجمان مريم اورنگزيب پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته پ پ طرفان اسان کي حڪومت ٺاهڻ ۾ سپورٽ ڪرڻ سٺو سنئوڻ آهي.
هن چيو ته پ پ اسان کي ان معاملي تي باضابطا طور ٻڌائيندي، بلاول ڀٽو اڃا هاڻي پريس ڪانفرنس ڪئي آهي، اسان پنهنجي مشاورت مڪمل ڪري باضابطا اعلان ڪنداسين.
واضح رهي ته پ پ اعلان ڪيو آهي ته ن ليگ جي وزارت عظميٰ جي اميدوار کي ووٽ ڏينداسين پر وزارتون نه وٺنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.