گولاڙچي (ويب ديسڪ) گولاڙچي ۾ تازي پرڻيل جوڙي کي ڪمري مان مُئل حالت ۾ هٿ ڪيو ويو.
پوليس موجب گولاڙچي شهر جي وارڊ نمبر 3 جي هڪ گھر مان 26 ورهين جي گھوٽ عمران گجر ۽ 23 ورهين جي ڪنوار سعديه گجر جا لاش سندن ڪمري مان مليا.
وارثن جو چوڻ آهي ته ٻه ڏينهن اڳ عمران جي ڄڃ ڪراچي مان واپس آئي ۽ گذريل ڏينهن وليمي جي تقريب به رٿي وئي هئي، اڄ جڏهن صبح جو دير تائين ڪمري کان ٻاهر نه نڪتا ته خبر پئي ته ٻئي فوت ٿي چڪا آهن.
پوليس موجب شروعاتي جاچ مان اهو سامهون آيو آهي ته ڪمري جي واش روم جي گيزر مان گيس ليڪ ٿيڻ سبب ساهه ٻوساٽجڻ ڪري ٻئي فوت ٿيا، جڏهن ته وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي ۽ لاشن کي مقامي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.
You might also like