وزن گھٽائيندڙ دوائن سان پٺا سُسڻ جو انڪشاف

لنڊن (ويب ڊيسڪ) هڪ دوا ساز ڪمپني خبردار ڪيو آهي ته وزن گھٽائيندڙ انجيڪشنز مريضن جا پٺا سُسائڻ جو سبب بڻجي سگھن ٿيون.
برطانيا ۾ ٿولهه جي بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ ويگووي جهڙيون انجيڪشنز (جيڪي هارمون جيان ڪم ڪندي جسم کي پيٽ ڀريل هجڻ جو احساس ڏيارين ٿيون) جي استعمال جي منظوري ڏني وئي آهي. پر آسٽرازينيڪا نالي مشهور ڪووڊ ويڪسين جي مالڪ پاسڪل سوريوٽ خبر ڪيو آهي ته اهي انجيڪشن مريضن جا پٺا سُسائڻ جو سبب بڻجي سگھن ٿيون.
ماهرن ڪجه عرصو اڳ ان بابت خبردار ڪندي چيو هو ته انهن انجيڪشنز سبب مريض ۾ پٺن جي ڀيٽ ۾ سڻڀ جو تناسب وڌي ويندو آهي ۽ دوائن کي روڪڻ تي وزن ٻيهر وڌي سگھي ٿو.
پاسڪل سوريوٽ موجب دوا استعمال ڪرڻ وقت مريض وزن گھٽائڻ سان گڏوگڏ سڻڀ ۽ پٺا به وڃائي ڇڏين ٿا.
هنن چيو ته گھڻا ماڻهو جيئن ئي دوا جو استعمال روڪيندا ته انهن ۾ سڻڀ جو مقدار وڌڻ شروع ٿي ويندو پر پٺن جي اندر ڪنهن قسم جو ڪو به اضافو نه ٿيندو.
ماهرن موجب ايندڙ سالن ۾ وزن گھٽائيندڙ دوائن جي مارڪيٽ جي ماليت اربين ڊالر هوندي.
پاسڪل سوريوٽ وڌيڪ چيو ته دوا ٺاهيندڙ ڪمپنين کي وزن گھٽائيندڙ دوائن جو معيار بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي جنهن ۾ ٻن ڳالهين جو خاص خيال رکيو وڃي. پهرين دوا ڇڏڻ تي ان جا اثر زيان نه ٿين ۽ ٻيو پٺا سسڻ جهڙا نقصان نه ٿين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.