نواز شريف کي اخلاقي طور وزيراعظم جو اميدوار نه بڻجڻ گهرجي: خورشيد شاهه

سکر (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته نواز شريف کي اخلاقي طور تي وزيراعظم جي عهدي جو اميدوار نه بڻجڻ گھرجي.
پنهنجي بيان ۾ خورشيد شاهه چيو ته وزيراعظم جي عهدي لاءِ شهباز شريف يا اياز صادق متبادل اميدوار ٿي سگھن ٿا، نواز شريف جي چونڊ تي ڪيترائي سواليا نشان آهن، اهو تاثر عام آهي ته نواز شريف کي کٽرايو ويو.
هن چيو ته پي ٽي آءِ جي حمايت يافته اسيمبلي ميمبرن کي نه ٽوڙڻ گھرجي، اسان کي ڪنهن جي مينڊيٽ ۾ هٿ نه وجهڻ گھرجي، پيپلز پارٽي ڪنهن ٻي جماعت جي چونڊيل ميمبر کي پاڻ سان گڏ شامل نه ڪندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.