چونڊن ۾ ڌانڌلي تي مڪمل جاچ ٿيڻ گهرجي: آمريڪا

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا چيو آهي ته چونڊن ۾ ڌانڌلي تي مڪمل جاچ ٿيڻ گهرجي.
آمريڪي پرڏيهي ترجمان چيو آهي ته جاچ لاءِ پاڪستاني قانوني نظام پهريون مناسب قدم هوندو، وڌيڪ اپائن جي ضرورت پئي ته غور ڪري سگهجي ٿو.
ميٿيو ملر چيو ته آمريڪا جمهوري عمل جو احترام ڪري ٿو، عوام جي چونڊيل حڪومت سان گڏجي ڪم ڪنداسين.
هن چيو ته پاڪستاني حڪومت سان ڌانڌلي تي خدشن جو اظهار ڪيو آهي، پاڪستاني حڪومت کي چيو آهي ته چونڊ نتيجن جو احترام ڪن.
سندس چوڻ هو ته قانون جي حڪمراني ۽ اظهار جي آزادي تي زور ڏيون ٿا، تشدد، انٽرنيٽ ۽ فون سروس بندش جي مذمت ڪريون ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.