سنڌ هاءِ ڪورٽ 40 کان وڌيڪ تڪن جي نتيجن خلاف درخواستون اڪلائي ڇڏيون

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ 40 تڪن جي چونڊ نتيجن خلاف درخواستون ڏيندڙن کي اليڪشن ڪميشن سان رابطو ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ٻه رڪني بئنچ ڪراچي جي 40 کان وڌيڪ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي نتيجن خلاف داخل درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي، درخواستگذارن ۾ اڪثريت پي ٽي آءِ جي حمايت يافته آزاد اميدوارن جي هئي، جڏهن ته جماعت اسلامي به 5 تڪن جي نتيجن خلاف درخواست ڏني.
عدالت درخواستگذارن جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ سموريون درخواستون اڪلائي ڇڏيون ۽ درخواستگذارن کي اليڪشن ڪميشن سان رابطو ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
عدالت اليڪشن ڪميشن کي به هدايت ڪئي ته 22 فيبروري تائين سڀني درخواستن تي فيصلو ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.