گوٽنگن (ويب ڊيسڪ) يورپي يونين ۾ موسمياتي تبديلي جي اعليٰ ريسرچ گروپ جو چوڻ آهي ته زمين جو سراسري گرمي پد 1.5 ڊگري سينٽي گريڊ کان ٽپي ويو آهي.
ميڊيا رپورٽس موجب يورپ جي ڪوپرنيڪس ڪلائمينٽ چينج سروس زمين جي آب هوا جي خاصيتن کي سمجهڻ لاءِ 7 سيٽلائيٽس مان حاصل ٿيل ڊيٽا استعمال ڪيو.
سورس کي خبر پئي ته گذريل مهيني رڪارڊ ٿيل ڊيٽا موجب گرم ترين مهينو هو. وڌيڪ ته جون کان پوءِ هر مهينو گذريل سڀني مهينن کان وڌيڪ گرم رهيو.
اهڙيءَ طرح تجزيي مان اها به خبر پئي ته زمين جي موجودا آب هوا کي سمجندي چئي سگھجي ٿو ته هلندڙ سال به رڪارڊ ٽوڙ ثابت ٿيندو. اداري پاران جاري ڪيل سامونڊي سطح جي گرمي پد جي چارٽس ۾ گذريل سان جي ڀيٽ ۾ ڪافي اضافو ڏٺو ويو آهي.
ڊيٽا مان خبر پوي ٿي ته 2023ع رڪارڊ گرم ترين سال هو، امڪاني طور تي گذريل 100,000 سالن کان به وڌيڪ. جنوري ۾ ڪيل ٻين مشاهدن ۾ سروس اهو به پتو لڳايو ته آرڪٽڪ خطي ۾ سامونڊي برف سراسري درجي جي ويجهو آهي پر سياري جي ٻئي منڍي تي نمايان طور تي گھٽتائي ٿي آهي.
You might also like