قطر موت جي سزا ماڻيندڙ 8 ڀارتي نيوي جي اهلڪارن کي آزاد ڪري ڇڏيو

دوحه (ويب ڊيسڪ) قطر جاسوسي جي الزام ۾ قيد ڀارتي سامونڊي فوج جي سمورن 8 اڳوڻن نيوي جي اهلڪارن کي آزاد ڪري ڇڏيو.
قطر ۾ جاسوسي جي الزام ۾ 26 آڪٽوبر 2023ع تي ڀارتي اهلڪارن کي موت جي سزا ٻڌائي وئي هئي جنهن کان پوءِ سندن سزا کي عمر قيد ۾ تبديل ڪيو ويو هو، اهي اهلڪار آڪٽوبر 2022ع کان قطر جي جيل ۾ هئا.
پر هاڻي قطر جاسوسي جي الزام ۾ موت جي سزا ماڻيندڙ 8 اڳوڻي ڀارتي نيوي جي اهلڪارن کي آزاد ڪري ڇڏيو آهي، انهن مان 7 اهلڪار ڀارت واپس اچي چڪا آهن.
قطري عدالت 8 ئي اڳوڻن ڀارتي نيوي جي اهلڪارن کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
ڀارتي پرڏيهي وزارت پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته قطر ۾ گرفتار ڀارتي شهرين جي آزاديءَ جي آجيان ڪريون ٿا، شهرين جي آزادي ۽ سندن گھر واپسي کي يقيني بڻائڻ لاءِ قطر جيا مير جي فيصلي جي ساراهه ڪريون ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.