چونڊن کانپوءِ مسئلن کي قانوني طريقي سان حل ڪيو وڃي: انتونيو گوتريس

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چونڊن کانپوءِ جي صورتحال تي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس پاڪستاني اختيارين سان رابطو ڪيو آهي.
گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس پاڪستان کي چونڊن بعد پيش ايندڙ مسئلن کي قانوني طريقي سان حل ڪرڻ تي زور ڏنو آهي.
گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل پاڪستاني عملدارن سان ملڪي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
انتونيو گوتريس ٻڌايو ته اسان پاڪستان جي صورتحال تي نظر رکي رهيا آهيون، چونڊن کانپوءِ سڀني مسئلن کي طئي ٿيل طريقيڪار ذريعي حل ڪريو، ڪنهن به اهڙي ڪارروائي کان پاسو ڪيو وڃي، جيڪا ڇڪتاڻ جو سبب بڻجي ۽ انساني حقن، قانون جي حڪمراني لاءِ عوام جي مفاد جو مڪمل احترام ڪيو وڃي.
گڏيل قومن جي سربراهه ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال کي قائم رکڻ تي به زور ڏنو.
هن پاڪستاني عملدارن ۽ سياسي اڳواڻن کي اپيل ڪئي ته اهي پرسڪون ماحول کي برقرار رکن ۽ هر قسم جي تشدد کي رد ڪن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.