عدالت ايف آءِ اي کي عليما خان کي هراسان ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ايف آءِ اي کي پي ٽي آءِ باني جي ڀيڻ عليما خان کي هراسان ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق پي ٽي آءِ باني جي ڀيڻ عليما خان کي ايف آءِ اي جي نوٽيس جي ٻڌڻي ڪئي.
عليما خان جي وڪيل شيراز رانجها درخواست ڪئي ته ايف آءِ اي وٽ اهڙو ڪو به مواد ناهي، جيڪو سائبر ڪرائم جو بنياد هجي، عليما خان خلاف هلندڙ انڪوائري يا شڪايت کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي، جنهن تي چيف جسٽس عامر فاروق چيو ته پهرين رپورٽ طلب ڪئي وڃي، ڏسون ته انڪوائري آهي يا صرف شڪايت.
چيف جسٽس عامر فاروق ريمارڪس ڏنا ته ايف آءِ اي عليما خان خلاف انڪوائري يا شڪايت جا تفصيل اڄ ئي فراهم ڪري.
ٻڌڻي دوران اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ريمارڪس ڏيندي چيو ته جيڪڏهن ايف آءِ اي وٽ ڪا شڪايت يا انڪوائري آهي ته ان جي رپورٽ عليما خان کي فراهم ڪئي وڃي، ايف آءِ اي عليما خان خلاف ڪا به ڪارروائي نه ڪري.
بعد ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عليما خان جي وڪيل کي چيو ته رپورٽ جي ڪاپي ملي ته ايف آءِ اي ۾ جواب جمع ڪرايو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.