اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نئين حڪومت اچڻ کان اڳ تيل اگهن ۾ واڌ جي تياري ڪئي پئي وڃي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊيزل 7 رپيا 50 پيسا في ليٽر مهانگو ٿيڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته لائيٽ ڊيزل آئل 2 رپيا 82 پيسا في ليٽر مهانگو ٿي سگهي ٿو.
گاسليٽ جي اگهه ۾ في ليٽر هڪ رپيو 7 رپيا واڌ جو امڪان آهي، جڏهن ته پيٽرول جو اگهه برقرار رکي سگهجي ٿو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪچي تيل جو اگهه 15 ڏينهن 77 ڊالر کان 82 ڊالر 7 سينٽ تائين رهيو.
Next Post
You might also like