دل جي دوري ۽ فالج جهڙن موتمار مرضن جو شڪار بڻائيندڙ عام عادت!

مٺا شربت يا سافٽ ڊرنڪس پيئڻ جي عادت دل جي شريانين سان سلهاڙيل مرضن، فالج ۽ هارٽ اٽيڪ جو خطرو وڌائيندي آهي ۽ جسماني سرگرمين سان به ڪو خاص تحفظ ناهي ملندو.
اها ڳالهه آمريڪا ۾ ٿيل هڪ طبي تحقيق ۾ سامهون آئي.
هارورڊ ايڇ چن اسڪول آف پبلڪ هيلٿ جي تحقيق ۾ ٻڌايو ويو ته مٺن شربتن ۾ کنڊ جو مقدار گھڻو هوندو آهي.
تحقيق موجب کنڊ جو گھڻو استعمال دل جي شريانين سان سلهاڙيل مرضن جو خطرو وڌائيندو آهي.
ان تحقيق ۾ 1 لک کان وڌيڪ ماڻهن کي شامل ڪيو ويو هو جنهن جي صحت جو 30 سالن تائين جائزو ورتو ويو.
نتيجن مان خبر پئي ته هر هفتي ۾ 2 ڀيرا مٺن شربتن جي استعمال سان دل جي شريانين سان سلهاڙيل مرضن جن ۾ فالج ۽ هارٽ اٽيڪ جو خطرو تمام گهڻو وڌي سگھي ٿو.
حقيقت ۾ هر هفتي 150 منٽن تائين مناسب ورزش ڪرڻ جي عادي ماڻهن ۾ به اهو خطرو تمام گھڻو هوندو آهي.
محققن موجب جسماني سرگرمين سان مٺن شربتن سان دل جي مرضن جو خطرو 50 سيڪڙو تائين گھٽبو ضرور آهي پر مڪمل تحفظ نه ملندو آهي.
تحقيق ۾ ٻڌايو ويو ته جيڪي ماڻهو روز مٺن شربتن جو استعمال ڪندا آهن، انهن ۾ دل جي مرضن جو خطرو وڌي ويندو آهي.
محققن ٻڌايو ته سافٽ ڊرنڪس، فروٽ جوسز ۽ اهڙا ئي ٻيا مٺا شربت دل جي صحت لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿيندا آهن.
محققن ٻڌايو ته ڊائيٽ شربتن جي استعمال سان دلي جي شريانين سان سلهاڙيل مرضن جو خطرو ناهي وڌندو، پر وڌيڪ بهتر آهي ته رڳو پاڻي کي ترجيح ڏيو.
ان تحقيق جا نتيجا آمريڪن جرنل آف ڪلينيڪل نيوٽريشن ۾ ڇپيل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.