ماهرا خان جو حمل بابت خبرن تي ردعمل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪارا ماهرا خان ڀارتي ميڊيا سوڌو مختلف ميڊيا تي پنهنجي حمل بابت هلندڙ خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي.
تازو ئي ڀارتي ميڊيا تي ماهرا خان جي ڳورهاري هجڻ جي دعويٰ ڪئي وئي هئي جنهن ۾ ٻڌايو ويو هو ته ماهرا خان ۽ سليم ڪريم خان وٽ ٻئي ٻار جي پيدائش جو امڪان آهي.
پوسٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي هئي ته ماهرا خان ۽ سليم ڪريم خان وٽ آگسٽ ۽ سيپٽمبر ۾ ٻئي ٻار جي آمد جو امڪان آهي، ڳورهاري هجڻ سبب ماهرا خان نيٽ فلڪس جي پراجيڪٽ ”جو بچي سنگ سميٽ لو“ سميت ٻين پراجيڪٽس تان هٿ کڻي وئي آهي.
ميڊيا رپورٽس ۾ اهو به چيو ويو هو ته جوڙو جلد خوشخبري جو اعلان ڪندو.
پر هاڻي ماهرا خان مقامي ميڊيا سان ڳالهائيندي پنهنجي ڳورهاري هجڻ جي خبرن جي ترديد ڪئي آهي.
ماهرا خان جو چوڻ هو ته نه هوءَ ڳورهاري آهي ۽ نه ئي هن ڪنهن او ٽي ٽي سيريز تان هٿ کنيو آهي.
واضح رهي ته اداڪارا ماهرا خان 2 آڪٽوبر تي پنهنجي پراڻي دوست سليم ڪريم سان شادي ڪئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.