جبري گمشدگين جي سزا موت هجڻ گهرجي: عدالت جا سخت ريمارڪس، نگران وزيراعظم طلب

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گم ٿيل ماڻهن جي آزادي بابت ڪيس ۾ ايندڙ ٻڌڻي تي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ کي طلب ڪري ورتو.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محسن اختر ڪياني ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، درخواستگذار طرفان وڪيل ايمان مزاري عدالت ۾ پيش ٿي.
ٻڌڻي دوران جسٽس محسن اختر ڪياني ريمارڪس ڏنا ته جيڪي ماڻهو ان ڪم ۾ ملوث آهن، انهن کي ڦاهي ڏيڻ گهرجي، عام طور تي هڪ ڀيرو ڦاهي ڏني ويندي آهي، اهڙن ڪيسن ۾ ملوث ماڻهن کي ٻه ڀيرا ڦاهي ڏيڻ گهرجي.
هن وڌيڪ چيو ته هاڻي نگران وزيراعظم کي طلب ڪري رهيو آهيان ته پوءِ چونڊيل وزيراعظم کي به طلب ڪندس.
ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته اسان کي ان ڪيس ۾ وڌيڪ وقت گهرجي.
ٻڌڻي دوران عدالت گم ٿيل ماڻهن جي ڪيس ۾ ٻن ادارن جي ڊائريڪٽر جنرلز کي به طلب ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو.
جسٽس محسن اختر ڪياني ريمارڪس ڏيندي چيو اها ته منهنجي مهرباني آهي جو مان ٻنهي ڊائريڪٽر جنرلز کي ناهي گهرايو.
پوءِ عدالت نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ کي سومر ڏهاڙي ٻڌڻي تي طلب ڪري ورتو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.