پ پ جو ن ليگ جي وزارت عظميٰ جي اميدوار کي ووٽ ڏيڻ ۽ حڪومت جو حصو نه بڻجڻ جو اعلان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ اعلان ڪيو آهي ته ن ليگ جي وزارت عظميٰ جي اميدوار کي ووٽ ڏينداسين پر وزارتون نه وٺنداسين.
پ پ جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ٻن ڏينهن جو اجلاس اڄ ختم ٿيو، اسان کي پاڪستان جو ساٿ ڏيڻو آهي، پاڪستان کي مستحڪم بڻائڻو آهي.
هن چيو ته پ پ کي وفاق ۾ حڪومت ٺاهڻ جو مينڊيٽ ناهي، اسان کي مينڊيٽ ناهي مليو ته وزارت عظميٰ جو اميدوار ناهيان.
سندس چوڻ هو ته اسان مرڪز ۾ پاڻ حڪومت ٺاهڻ جي پوزيشن ۾ ناهيون، پي ٽي آءِ چئي چڪي آهي ته پ پ سان ڳالهه ٻولهه نه ڪندي، ن ليگ واحد جماعت آهي، جنهن اسان کي مرڪز ۾ حڪومت ۾ شموليت جي دعوت ڏني.
بلاول ڀٽو زرداري موجب اسان فيصلو ڪيو آهي ته ان پوزيشن ۾ ناهيون ته وفاقي حڪومت جو حصو بڻجون، اسان وفاقي حڪومت ۾ وزارتون نه وٺنداسين پر ن ليگ جي وزارت عظميٰ جي اميدوار کي ووٽ ڏينداسين.
هن چيو ته اسان 18 مهينا ن ليگ جي حڪومت جو حصو رهياسين، جنهن ۾ پارٽي کي شڪايتون ٿيون پر چاهيون ٿا ته حڪومت سازي جلد مڪمل ٿئي ۽ ملڪ بحران مان نڪري، نٿا چاهيون ته ملڪ هڪ ٻي اليڪشن ڏانهن وڃي.
پ پ چيئرمين چيو ته عوام چونڊن ۾ حصو ورتو، عوام وڌيڪ سياسي عدم استحڪام نٿو چاهي، سي اي سي ميمبرن ن ليگ جي حوالي سان ڪيترائي اعتراض اٿاريا، هنن چيو ته 18 مهينن ۾ اسان جا ڪم نه ٿيا، چونڊن جي نتيجن کي احتجاج سان گڏ قبول ڪنداسين.
سندس چوڻ هو منهنجي خواهش آهي ته آصف زرداري ملڪ جو صدر بڻجي، ملڪ ۾ هن وقت هڪ باهه ٻريل آهي، خواهش آهي ته آصف زرداري صدر بڻجي ۽ ان باهه کي وسائي.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پ پ سينيٽ چيئرمين، صدر ۽ اسپيڪر لاءِ اميدوار بيهاريندي، خواهش آهي ته آصف زرداري صدر جي عهدي لاءِ اليڪشن ۾ حصو وٺي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.