الخدمت فائونڊيشن غزا متاثرن لاءِ وڌيڪ امدادي سامان موڪلي ڇڏيو

لاهور (ويب ڊيسڪ) الخدمت فائونڊيشن تحت غزا متاثرن لاءِ وڌيڪ 105 ٽن تي ٻڌل امدادي سامان جي ڇهين کيپ مصر پهچي وئي.
امدادي سامان ڪراچي ايئرپورٽ کان خاص جهاز ذريعي العريش ايئرپورٽ مصر پهچايو ويو، جيڪو پوءِ رفح رستي غزا پهچايو ويندو.
ڪراچي ايئرپورٽ تان امدادي سامان جي روانگي جي تقريب ۾ پاڪستان ۾ مقرر فلسطين جي سفير احمد ربيعي، الخدمت فائونڊيشن پاڪستان جي صدر ڊاڪٽر حفيظ الرحمان، نائب صدر اعجاز الله خان، الخدمت ڪراچي جي منظر عالم ۽ ٻين ذميوارن سميت اين ڊي ايم اي جي عهديدارن شرڪت ڪئي.
الخدمت فائونڊيشن پاڪستان جي صدر ڊاڪٽر حفيظ الرحمان چيو ته الخدمت فائونڊيشن اين ڊي ايم اي ۽ پاڪ فضائيا (شاهين ايئرپورٽ سروسز) جي سهڪار سان غزا متاثرن لاءِ موڪليل ڇهين کيپ ۾ 45 ٽن تيار کاڌو، 30 ٽن خيما، 25 ٽن دوائون ۽ 5 ٽن ڪمبل شامل آهن ۽ الخدمت هن ئي مهيني پاڪ بحريا جي سهڪار سان سمنڊ رستي وڌيڪ 400 ٽن سامان غزا متاثرن لاءِ روانو ڪندي.
هن چيو ته پاڪستاني حڪومت ۽ عوام هن ڏکئي وقت ۾ فلسطيني ڀائرن سان گڏ آهي ۽ انهن جي حمايت جاري رکندو.
پاڪستان ۾ مقرر فلسطين جي سفير ان موقعي تي جاري امدادي سرگرمين کي ساراهيو ۽ ٿورا مڃيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.