ماڻهو محنت کانسواءِ راتو رات مشهور ٿيڻ چاهين ٿا: عاطف اسلم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گلوڪار عاطف اسلم چيو آهي ته ماڻهو راتو رات مشهور ٿيڻ چاهين پيا پر محنت نٿا ڪرڻ چاهين.
هڪ انٽرويو ۾ نون گلوڪارن جي حُالي سان پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي عاطف اسلم چيو ته ائين نه آهي ته آٽو ٽيون اسان جي دور ۾ نه هئا پر هاڻي اُهي راتو رات ڪامياب ٿيڻ لاءِ سهارو آهن ڇو جو هاڻي ماڻهن کي مشهور ٿيڻ لاءِ محنت ناهي ڪرڻي.
هن چيو ته ماڻهو ماڻهن کي گھڻي دير تائين ان هنڌ تي ناهي رهڻو، جيڪڏهن محنت ناهي ته اهو تمام گھٽ وقت لاءِ آهي، ٿوري دير سان وڌيڪ شهرت ناهي هلندي.
عاطف اسلم جو چوڻ هو ته اهو به ڪو فارمولو نه آهي، خدا جنهن کي چاهيندو آهي عزت ڏيندو آهي ۽ جنهن کي چاهيندو آهي ذلت ڏيندو آهي.
هن چيو ته ضرورت نه آهي ته جنهن انسان وٽ مال گھڻو آهي ته اُهو سٺو هجي ۽ ضروري نه آهي ته جنهن وٽ گھٽ مال هجي ته اهو خراب انسان هجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.