پي ايس ايل 9: ملتان سلطانز کي وڏو جهٽڪو، ٻه اهم بالر ٽورنامينٽ مان آئوٽ

ملتان ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان سپر ليگ ( پي ايس ايل ) جي نائين ايڊيشن کان اڳ ملتان سلطانز کي وڏو جهٽڪو لڳو آهي.
ملتان سلطانز پنهنجي ٻن اهم فاسٽ بالرن کان محروم ٿي وئي آهي، فاسٽ بالر احسان الله ۽ ريس ٽوپلي انجري سبب پي ايس ايل ميچن ۾ دستياب نه هوندا، جنهن تصديق ٽيم مئنيجمينٽ طرفان به ڪئي وئي آهي.
ملتان سلطان جي مالڪ علي ترين احسان الله ۽ ريس ٽوپلي جي غير موجودگي کي وڏو جهٽڪو قرار ڏنو آهي.
ٽيم مئنيجمينٽ ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته پي سي بي طرفان احسان الله بابت رپورٽ ڏني وئي آهي جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته هو ميچن لاءِ سئو سيڪڙو فٽ ناهي ۽ کيس وڌيڪ آرام جي ضرورت آهي.
ٻئي پاسي انگلينڊ ۽ اينڊ ويلز بورڊ به ريس ٽوپلي جي انجري بابت آگاهه ڪندي چيو آهي ته هو اڃا تائين مڪمل طور فٽ ناهي ٿي سگهيو ۽ کيس آرام جي ضرورت آهي.
واضح رهي ته پاڪستان سپر ليگ 17 فيبروري کان شروع ٿي رهي آهي، ملتان سلطانز جي ٽيم 18 فيبروري تي پنهنجي پهرين ميچ ڪراچي ڪنگز خلاف ملتان اسٽيڊيم ۾ کيڏيندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.