گڏيل عرب امارات جي 6 رياستن ۾ ٻوڏ جي صورتحال، زلزلي جو الرٽ جاري، ماڻهو گهرن مان نڪري آيا

ابو ظهبي (ويب ڊيسڪ) گڏيل عرب امارات جي رياست دبئي سميت 6 رياستن ۾ برساتن جو سلسلو جاري آهي.

برساتن سان گڏوگڏ ڳڙو به پيو آهي ۽ ٻوڏ واري صورتحال آهي.

حڪومت پاران الرٽ جاري ڪيا ويا آهن جڏهن ته گهرو کاتي زلزلي جو خدشو ظاهر ڪيو آهي ۽ وڏيون عمارتون خالي ڪرڻ جي وارننگ ڏني آهي.

اهڙي وارننگ کانپوءِ ماڻهو عمارتن مان ٻاهر نڪري آيا ۽ گهٽين ۾ بيٺل نظر آيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.