لاهور ( ويب ڊيسڪ ) جڳ مشهور راڳي ۽ اداڪار عاطف اسلم چيو آهي ته آهي ته اڄڪلهه ماڻهو محنت کانسواءِ شهرت حاصل ڪرڻ چاهين ٿا.
مختلف سوشل ميڊيا پيجز تي عاطف اسلم جي هڪ انٽرويوءَ جي ڪلپ وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ هن ميوزڪ انڊسٽري ۾ ايندڙ نون فنڪارن بابت ويچار ونڊيا آهن.
هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جيڪو کيس غلط لڳندو آهي ته ان تي سوديبازي ناهي ڪندو، ائين جيڪڏهن ڪنهن شاعري ۾ ڪجهه غلط محسوس ٿيندو آهي آهي ته ڳائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيندو آهي.
هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن موجودا موسيقارن ۽ گلوڪارن بابت ڳالهائيندي چيو ته هتي ماڻهن کي محنت کانسواءِ شهرت حاصل ڪرڻي آهي.
You might also like