واٽس ايپ ۾ چيٽ لاڪ وڌيڪ بهتر بڻائي وئي

واٽس ايپ ۾ واهپيدارن جي پرائيويسي ۽ سيڪيورٽي کي ترجيح ڏيڻ جو سلسلو جاري آهي.

اهو ئي سبب آهي جو موبائيل ايپ کان پوءِ واٽس ايپ پاران چيڪ لاڪ فيچر کي وڌيڪ بهتر بنايو پيو وڃي.

واضح رهي ته چيڪ لاڪ فيچر مئي 2023ع ۾ موبائيل ايپس لاءِ متعارف ڪرايو ويو هو جنهن جي ذريعي مختلف چيٽس کي هڪ فولڊر ۾ محفوظ ڪيو ويندو آهي.

لاڪ ڪيل چيٽس تائين پهچ سيڪرٽ ڪوڊ جي ذريعي ٿيندي آهي.

پر ان فيچر فيچر ۾ هڪ خامي آهي ۽ اُها اِها آهي ته اوهان رڳو مين ڊوائيس (main device) ۾ ئي چيٽس کي لاڪ ڪري سگھو ٿا جڏهن ته لنڪڊ ڊوائيسز تي اُها لاڪ نه ٿيندي اهي.

پر هاڻي ان خامي کي ختم ڪيو ويو آهي.

رپورٽ موجب واٽس ايپ پاران نئين فيچر جي آزمائش اينڊرائيڊ ڊوائيسز جي بيٽا ورجن ۾ ڪئي پئي وڃي.

ان فيچر تحت واهپيدارن جي سيڪيورٽي ۽ پرائيويسي لاءِ جڏهن ڪنهن چيٽ کي مين ڊوائيس ۾ لاڪ ڪيو ويندو ته اهو ٻين لنڪڊ ڊوائيسز تي به لاڳو ٿيندو.

سڀني ڊوائيسز ۾ چيٽ واهپيدارن جي حساس چيٽس کي ٻين ماڻهن جي نظرن کان بچائي سگھندي، ڀلي اهي ماڻهو ڊوائيس کي استعمال ڪيو نه ڪن.

اهو به واضح رهي ته لاڪ چيٽس جي لسٽ کي کولڻ لاءِ سيڪريٽ ڪوڊ جي ضرورت پوندي آهي جنهن سان به سمورين ڊوائيسز جي سيڪيورٽي مضبوط ٿيندي.

جيئن مٿي بيان ڪيو ويو اهي ته ان فيچر جي آزمائش اڃا بيٽا ورجن ۾ ڪئي پئي وڃي تنهنڪري اهو چوڻ ڏکيو آهي ته ان کي ڪيستائين واهپيدارن لاءِ متعارف ڪرائي سگھجي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.