”ڌرتي پاڻ کي قيامت لاءِ تيار ڪري رهي آهي؟“

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) هڪ وڏي خلائي ٽڪري زمين ڏانهن اچي رهي آهي، زمين سان اها ٽڪرائي ته ڌرتي تي وڏي پئماني تي غيرمعمولي جاني ۽ مالي نقصان ٿيندو.

روس ۾ چيليابنسڪ نالي شهابِ ثاقب کي تباهه ٿئي ڏهاڪا گذري چڪا آهن.

چيليابنسڪ جي ڦاٽڻ سان ڏيڍ هزار ماڻهو زخمي ٿيا هئا ۽ وڏو مالي نقصان ٿيو هو.

هاڻي خلا مان ايندڙ هڪ ٻئي وڏي شهابِ ثاقب کي منهن ڏيڻ لاءِ ڌرتي پاڻ کي تيار ڪري رهي آهي.

13 اپريل 209 تي Apophis زمين جي ويجهو کان گذرندو، هڪ وڏي ٽڪري کي ويجهو کان ڏسڻ ۽ ان جو جائزو وٺڻ جو اهو سٺو موقعو آهي. يورپين اسپيس ايجنسي هن ٽڪري جي حوالي سان مشن تيار ڪري رهي آهي.

اهو سوچيو پيو وڃي ته ان ٽڪري کي زمين کان پري رهندي ئي تباهه ڪيو وڃي.

ان سلسلي ۾ دي انٽرنيسنل ايسٽيرائڊ وارننگ نيٽ ورڪ ۽ دي ايسپيس مشن پلاننگ ايدوائزري گروپ ٺاهي ٽيڪنيڪل مسئلا ختم ڪيا پيا وڃن.

خلا ۾ ٽٽل ستارن جا ٽڪرا ڦرندا رهندا آهن، اهڙيون خلائي ٽڪريون زمين کان پري هونديون آهن، انهن جو زمين سان ٽڪرائڻ جو امڪان ڪيئن ٿي سگهي ٿو، ان لاءِ مشن تيار ڪري جائزا ورتا ويندا آهن، ته جيئن زمين کي قيامت جهڙي نقصان کان بچائي سگهجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.