مائيڪل ڪلارڪ پهريون ڀيرو پي ايس ايل جو حصو، رميز راجا جي به واپسي

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻو آسٽريلوي ڪپتان مائيڪل ڪلاڪ پهريون ڀيرو پاڪستان سپر ليگ جو حصو بڻجي ويو جڏهن ته اڳوڻي پي سي بي چيئرمين رميز راجا جي به واپسي ٿي آهي.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ( پي سي بي) طرفان پي ايس ايل جي نائين ايڊيشن جي ڪامينٽيٽرز جو اعلان ڪيو ويو آهي.


پاڪستان سپر ليگ ۾ پي سي بي جي اڳوڻي چيئرمين رميز راجا جي ڪامينٽيٽر طور واپسي ٿي آهي، جڏهن ته ڪيمنٽري پئنل ۾ وقار يونس، عامر سهيل، ثنا مير، بازيد خان، عروج ممتاز، مرينا اقبال شامل آهن.
ان کانسواءِ اين بيشوپ، مائيڪل ڪلارڪ، ڊيني موريسن، سائمن ڊول، پومي امبنگوا ۽ مارڪ بوچر به ڪامينٽيٽرز جي ٽيم ۾ شامل آهن.
سڪندر بخت، ڊومينڪ ڪورڪ، طارق سعيد، علي يونس ۽ مائيڪ هسمين به ڪامينٽري پئنل جو حصو آهن.
پاڪستان سپر ليگ جي نائين ايڊيشن لاءِ زينب عباس ۽ آسٽريلوي ايرين هالينڊ کي پريزينٽر جي ذميواري سونپي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.