ڪيليفورنيا (ويب ڊيسڪ) آمريڪي رياست ڪيليفورنيا ۾ 40 سالن جي عورت مڇي کائڻ سبب بيمار ٿي پئي ۽ پنهنجا ٻئي هٿ ۽ پير وڃائي ويٺي.
تلپيا مڇي کاڌي هئي جنهن کي بدقسمتي سان گهٽ پچايو ويو هو ۽ ان ۾ هڪ قسم جي بيڪٽيريا موجود هئي.
مڇي کائڻ بعد عورت ڏٺو ته سندس آڱريون ۽ چپ ڪارا ٿي ويا، جڏهن هو ڊاڪٽر وٽ وئي ته سندس حالت وڌيڪ بگڙي وئي، عورت کي جيئرو رکڻ لاءِ کيس ڪوما ۾ وڌو ويو، سندس گردن ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو هو جنهن بعد سندس سرجري ڪرڻي پئي ۽ ٻئي هٿ پير ڪٽڻا پيا.