پي ٽي آءِ باني لاءِ بُري خبر

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور پوليس تحريڪ انصاف باني عمران خان کي 9 مئي جي 7 ڪيسن ۾ گرفتار ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو.
جي آءِ ٽي ذريعن موجب لاهور پوليس اڳوڻي وزيراعظم کي گرفتار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، عمران خان کي 9 مئي جي 7 ڪيسن ۾ گرفتار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته عمران خان جي گرفتاري لاءِ جي آءِ ٽي جلد عدالت سان رابطو ڪندي.
ان کان اڳ دهشتگردي ٽوڙ عدالت 9 مئي واقعن جي ڪيسن ۾ عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي جي ضمانت منظور ڪئي هئي.
جج ملڪ اعجاز آصف 9 مئي ڪيسن ۾ نامزد عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي جي 12-12 ڪيسن ۾ ضمانت منظور ڪئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.