9 مئي جهڙا واقعا ورجائڻ جو منصوبو تيار، ڇرڪائيندڙ انڪشاف

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي انڪشاف ڪيو آهي ته 9 مئي جهڙا واقعا ورجائڻ جو منصوبو جوڙيو ويو آهي، ائين ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته هن ڀيري ايڪشن وڌيڪ سخت هوندو.
لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي محسن نقوي چيو ته اسان وٽ شاهديون موجود آهن ته ڪجهه ماڻهو 9 مئي جهڙن واقعن جي منصوبابندي ڪري رهيا آهن، ايجنسين منصوبابندي بابت گفتگو پڪتي آهي، ڪنهن به شرپسندي جي ڪوشش ڪئي ته سخت نتيجا ڀوڳيندو، هن ڀيري اسان جو ردعمل ان کان وڌيڪ سخت هوندو.
هن چيو ته سياسي طريقي سان احتجاج ڪرڻ هر ڪنهن جو حق آهي، ڪنهن کي ان کان نٿو روڪي سگهجي، ماڻهن وٽ قانوني رستو به موجود آهي، چونڊ نتيجن تي ڪنهن کي اعتراض آهي ته لاڳاپيل فورم سان رابطو ڪري پر قوم کي ورهائڻ جي اجازت نه ڏينداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.