سرفراز کي ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز جي ڪپتاني تان هٽائڻ جو فيصلو، نئون ڪپتان ڪير؟

لاهور (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان سپر ليگ ( پي ايس ايل ) جي فرنچائز ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز جي ڪپتان سرفراز احمد کي اٺن ورهين جي ڊگهي ڪپتاني کانپوءِ هٽائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز جي مالڪ نديم چيو ته سرفراز احمد پاڻ ٽيم جي ڪپتاني تان وقفو وٺڻ چاهي ٿو، ڪوچ شين واٽسن ٽيم مئنيجمينٽ سان صلاح مشوري کانپوءِ ڪپتان جو فيصلو ڪندو.
ذريعن موجب، سرفراز احمد جي جاءِ تي رائلي روسو يا سعود شڪيل کي ڪپتان بڻائڻ تي غور ڪيو پيو وڃي، تمام جلد نئين ڪپتان جو اعلان ڪيو ويندو.
ان کانسواءِ مئنيجمينٽ طرفان پي ايس ايل جي ايندڙ ايڊيشن لاءِ معين خان کي ڪوچنگ تان هٽائي کيس ٽيم ڊائريڪٽر جي ذميواري سونپي وئي آهي جڏهن ته ميگا اونٽ ۾ شين واٽسن ڪوچنگ جا فرض انجام ڏيندو.
ياد رهي ته پاڪستان سپر ليگ جي فرنچائز ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز سرفراز احمد جي ڪپتاني ۾ 2019ع ۾ چيمپيئن بڻي، جڏهن ته 2016ع ۽ 2017ع ۾ ڪوئيٽا جي ٽيم فائنل کيڏي چڪي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.