جي ڊي اي جو حيدرآباد باءِ پاس تي ڌرڻي جو اعلان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس (جي ڊي اي) 16 فيبروري تي حيدرآباد باءِ پاس تي ڌرڻي جو اعلان ڪري ڇڏيو.
جي ڊي اي سربراهه پير پاڳاري موجب ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو جي دور ۾ به پ پ سنڌ ۾ ايتريون سيٽون نه کٽيون هيون، هي آر اوز ۽ ڊي آر اوز جون چونڊون هيون، سڄي سنڌ آصف زرداري کي ڏني وئي آهي.
هن چيو هڪ دوست چيو هو ته جي ڊي اي ختم ڪري ڇڏيو، توهان کي ٻن ٽي ايم اين اي ۽ ايم پي اي ملي ويندا، چيو ويو ايم ڪيو ايم جو پ پ سان ڪو جهيڙو ناهي، ايم ڪيو ايم جو پي ٽي آءِ سان جهيڙو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.