پاڪستان سپر ليگ جي نائين ايڊيشن لاءِ ميچ آفيشلز جو اعلان

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ( پي سي بي ) پي ايس ايل جي نائين ايڊيشن لاءِ ميچ آفيشلز جو اعلان ڪري ڇڏيو.
پڌرائي موجب، ليگ جي پهرين مرحلي دوران 17 کان 27 فيبروري تائين لاهور ۽ ملتان ۾ مجموعي طور تي 14 ميچون کيڏيو وينديون جڏهن ته ڪراچي ۽ راولپنڊي ۾ 28 فيبروري کان 12 مارچ تائين 16 ميچون شيڊيول آهن.
پڌرائي ۾ڄاڻايو ويو آهي ته آءِ سي سي ايليٽ پئنل آف امپائرز جي چئن ميمبرن رچرڊ النگورٿ، ڪرس گيفيني، احسن رضا ۽ مائيڪل گِف سان گڏ عليم ڊار، طارق رشيد، شوزيب رضا، راشد رياض، فيصل آفريدي، روچيرا پالياگوروگي، آصف يعقوب، اليڪس وارف، عبدالمقيب، محمد آصف، ناصر حسين ۽ عمران جاويد شامل آهن.
پڌرائي موجب، پاڪستان سپر ليگ جي نائين ايڊيشن ۾ روشن ماهناما، علي نقوي ۽ محمد جاويد ميچ ريفريز جا فرض انجام ڏيندا.


پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته 14 کان 18 مارچ تائين ڪراچي ۾ رٿيل ڪواليفائر، ٻن ايليمنيٽرز ۽ فائنل لاءِ ميچ آفيشلز جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.