لاهور (ويب ڊيسڪ) استحڪام پاڪستان پارٽي جي صدر عبدالعليم خان، جهانگير ترين طرفان پارٽي عهدو ۽ سياست ڇڏڻ جي فيصلي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي.
پنهنجي بيان ۾ عليم خان يو ته جهانگير ترين جي فيصلي سان دلي طور ڏک پهتو آهي، ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هو اعليٰ درجي جو پروفيشنل آهي.
هن چيو ته جهانگير ترين جو ڪنهن به حڪومت ۾ هجڻ ان حڪومت لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي پر بدقسمتي سان ڪا به حڪومت ان جي صلاحيتن مان فائدو نه کڻي سگهي.
سندس چوڻ هو ته ننڍي ڀاءُ ۽ آءِ پي پي صدر طور جهانگير ترين کي ڀيٽا پيش ڪيان ٿو، هو سدائين آءِ پي پي ۽ اسان سڀني جو سرپرست اعليٰ رهندو.
Prev Post
You might also like