ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي ڏکڻ ضلعي ۾ دهشتگردي جي خطري جي ڳجهن ادارن ريٽ الرٽ جاري ڪري ڇڏيو، اختيارين پوليس ۽ رينجرز کي چوڪس رهڻ جي هدايت ڪئي آهي.
ملڪ ۾ عام چونڊون پرامن نموني ٿيڻ کانپوءِ دهشتگرد ٻئي منصوبي جي تياري ۾ آهن، دهشتگرد وال چاڪنگ ۽ سوشل ميڊيا تي به فوج ۽ فوجي قيادت خلاف سرگرم آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته دهشتگرد سنڌي اسيمبلي جي عمارت، سنڌ هاءِ ڪورٽ، سنڌ سيڪريٽريٽ ۽ ڪراچي پريس ڪلب کي نشانو بڻائي سگهن ٿا.
ادارن طرفان عوام کي حساس هنڌن تي وڃڻ کان پاسو ڪرڻ جي هدايت به ڪئي وئي آهي.
You might also like