اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان چونڊن ۾ ڌانڌلي جا الزام رد ڪري ڇڏيا.
اليڪشن ڪميشن جي پڌرائيءَ موجب ڏکيائين ۽ مسئلن باوجود 8 فيبروري تي چونڊ عمل پرامن رکڻ ۾ ڪامياب رهياسين، شڪايتن تي فوري طور فيصلا ڪيا پيا وڃن.
پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته چونڊون هڪ تمام وڏو آپريشن هو، جيڪو ڪاميابي سان پورو ڪيو ويو، جڏهن ته موبائل فون سروس جي بندش سان پريزائيڊنگھ آفيسر اليڪٽرانڪ ڊيٽا موڪلڻ کان قاصر رهيا.
نتيجن ۾ دير جي حوالي سان اليڪشن ڪميشن چيو ته معمول جي ڪوآرڊينيشن ۽ چرپر کي موبائل سروس جي بندش متاثر ڪيو.
اليڪشن ڪميشن موجب 2018 جي چونڊن جو پهريون نتيجو ايندڙ ڏينهن صبح 4 وڳي وصول ٿيو هو، هيل نتيجو رات 2 وڳي وصول ٿيو، ڪجهه تڪن کانسواءِ نتيجا ڏيڍ ڏينهن ۾ مڪمل ڪيا ويا، ڪجهه تڪن ۾ دير ڪنهن مخصوص سياسي جماعت کي فائدو يا نقصان پهچائڻ لاءِ نه ٿي.
اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته 2018 جي چونڊن ۾ نتيجا مڪمل ٿيڻ ۾ 3 ڏينهن لڳا هئا.
Next Post
You might also like