سرفراز احمد جو مفت تعليم لاءِ ڪراچي ۾ يونيورسٽي ٺاهڻ جو اعلان

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم اڳوڻي ڪپتان سرفراز احمد ڪراچي ۾ مفت تعليم لاءِ يونيورسٽي ٺاهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، جتي شاگرد ۽ شاگردياڻين کي مفت تعيلمي سهولتون ڏنيون وينديون.
هڪ بيان ۾ وڪيٽ ڪيپر بيٽر چيو ته مهانگائي جي هن دور ۾ تعليم حاصل ڪرڻ ڏکيو ٿي ويو آهي، شاگردن لاءِ تعليم جا مالي خرچ ادا پورا ڪرڻ ناممڪن ٿي ويو آهي، جڏهن ته ڳرين فيسن سبب شاگردن لاءِ اڳتي پڙهڻ به وڏو مسئلو بڻجي ويو آهي.
هن چيو ته فلاحي مقصدن لاءِ سرگرم هڪ غيرسرڪاري تنظيم سان گڏجي يونيورسٽي ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جتيشاگردن کي مفت تعليم ڏني ويندي ته جيئن هو تعليم ذريعي پنهنجو مستقبل سنواري ملڪ جو نالو روشن ڪري سگهن.
سرفراز احمد چيو ته يونيورسٽي ٺاهڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهيا آهيون، ان سلسلي ۾ عوامي سهڪار جي ضرورت آهي ، منصوبو مڪمل ڪرڻ لاءِ سمورن اسٽيڪ هولڊرز سميت ملڪ جي يونيورسٽين ۽ ماهرن سان به رابطا ڪري سهڪار حاصل ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.