صائم ايوب کي کيڏايو ويو، اعظم خان کي به موقعو ملڻ گهرجي: معين خان

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي ڪپتان معين خان چيو آهي ته سندس پٽ اعظم خان جي پاڪستان ٽيم ۾ شموليت جو دارومدار ڪارڪردگي تي آهي.
ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي معين خان چيو ته رنسون نه ٺاهيندڙ سينيئرز کي ڊراپ ڪيو وڃي جڏهن ته سٺي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ نون رانديگرن کي موقعو ملڻ گهرجي.
هن چيو ته ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کان اڳ رانديگرن وٽ پي ايس ايل بهترين موقعو آهي، رانديگرن کي پنهنجي غلطين جي ڄاڻ هئڻ گهرجي ۽ اِهي ورجائڻ نه گهرجن.
سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن سليڪشن ڪميٽي سمجهي ٿي ته اعظم خان جو مستقبل آهي ته کيس موقعو ملڻ گهرجي، صائم ايوب کي به کيڏايو ويو پر ڪيئي اهڙا تجربيڪار رانديگر ٽيم آهن جن جي ڪارڪردگي نه هئڻ برابر آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.