هُما قريشي مشين گن سان هزارين ماڻهو قتل ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪري ڇڏي!

ممبئي (ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ اداڪارا هما قريشي چيو آهي ته کيس رنبير ڪپور جي سپر هٽ فلم ” انيمل “ تمام گهڻي پسند آهي هوءَ به اهڙي فلم ڪرڻ چاهي ٿي جنهن ۾ مشين گن کڻي هزارين ماڻهو قتل ڪري سگهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، هما قريشي پنهنجي انٽرويو ۾ بالي ووڊ جي بلاڪ بسٽر فلم ” انيمل “ جي واکاڻ ڪندي چيو ته کيس فلم ڏاڍي پسند آئي، فلم جي ڪهاڻي، ايڪشن سين ۽ موسيقي شاندار هئي.
اداڪارا چيو ته مون کي لڳي ٿو ته بالي ووڊ ۾ هر قسم جون فلمون ٺهڻ گهرجن، اِهو ڏسندڙن تي آهي ته هو ڪهڙي فلم ڏسڻ چاهن ٿا ڪهڙي نه.
هما قريشي خواهش ظاهر ڪندي چيو ته هوءَ به هڪ اهڙي فلم ڪرڻ چاهي ٿي جنهن ۾ مشين گن کڻي هزارين ماڻهو قتل ڪري سگهي ۽ هڪ ادڪارا طور سندس لاءِ اِهو انوکو تجربو هوندو.
اداڪارا پنهنجي ڳالهه جاري رکندي چيو ته انيمل تي تنقيد ٿي رهي آهي ته اهڙين فلمن سان معاشري ۾ بگاڙ پيدا ٿئي ٿو پر مان اِهو چوڻ چاهينديس ته انيمل کان پهرين جيڪي فلمون ٺهيون ان حساب سان ته معاشري کي سڌرڻ گهرجي ها پر ائين نه ٿيو.
سندس چوڻ هوته انيمل جهڙيون فلمون ٺهڻ گهرجن، ڏسندڙن کي جيڪا فلم وڻندي اِها ئي ڏسندا.
واضح رهي ته سنديپ ريڊي وانگا جي هدايتڪاري هيٺ ٺهندڙ پرتشد فلم انيمل ۾ گذريل سال ڊسمبر ۾رليز ٿي هئي.
فلم ۾ رنبير ڪپور مک ڪردار ادا ڪيو هو جڏهن ته ٻي ڪاسٽ ۾ رشميڪا مندانا، بوبي ديول، انيل ڪپور ۽ ترپتي ڊمري شامل هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.