لاهور (ويب ڊيسڪ) استحڪام پاڪستان پارٽي جي سربراهه جهانگير ترين سياست ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
جهانگير ترين موجب مان استحڪام پاڪستان پارٽي جي چيئرمين جي حيثيت سان استعيفيٰ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
هن استحڪام پاڪستان پارٽي جي ميمبرن لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار به ڪيو.
سندس چوڻ هو ته جن ماڻهن چونڊن ۾ حمايت ڪئي، انهن جا ٿورا مڃان ٿو ۽ ڪاميابي تي پنهنجي مخالفن کي واڌايون پيش ڪيان ٿو.
واضح رهي ته جهانگير ترين عام چونڊن ۾ قومي اسيمبلي جون ٻه سيٽون هارائي ويو هو.
You might also like