ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ڪنوينر خالد مقبول صديقي چيو آهي ته ايم ڪيو ايم جي ڪنهن ڪارڪن کي پنهنجي هٿ ۾ ڏنڊو، پٿر ۽ بندوق رکڻ جي ضرورت ناهي.
ڪراچي ۾ شڪراني جو ڏينهن ملهائڻ دوران جلسي کي خطاب ڪندي خالد مقبول صديقي چيو ته ايم ڪيو ايم کانسواءِ ٻيو ڪو حل ناهي، 2018 ۾ جن کي 14 سيٽون کسي ڏنيون ويون هيون، اهي پاڻي جو هڪ ڦڙو نه ڏئي سگهيا.
هن چيو ته اسان جو جيڪو چونڊيل نمائندو پنهنجي تڪ ۾ نه ويندو اهو گهر ويندو، اڄ سمورا چونڊيل نمائندا شهيدن جي قبرستان ويندا، هاڻ ايم ڪيو ايم جي ڪنهن ڪارڪن کي پنهنجي هٿ ۾ ڏنڊو، پٿر ۽ بندوق رکڻ جي ضرورت ناهي، جنهن ائين ڪيو، ان جي رڪنيت ختم ڪئي ويندي.
Next Post
You might also like