ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بِگ باس او ٽي ٽي ٽو جي فاتح ۽ مشهور ڀارتي يوٽيوبر ايلوِش ياديو ريسٽورنٽ ۾ ويٺل همراهه کي چماٽ وهائي ڪڍي جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تيزي سان وائرل ٿي رهي آهي.
وائرل ٿيندڙ وڊيو ۾ مشهور يوٽيوبر ايلوش ياديو پنهنجي سيڪيورٽي ٽيم سان گڏ ريسٽورنٽ مان ٻاهر نڪري رهيو آهي پر ان دوران هو اوچتو پوئتي موٽي ٿو ۽ ريسٽورينٽ ۾ ويٺل همراهه جي ويجهو اچي کيس چماٽ وهائي ڪڍي ٿو.
WATCH – Elvish Yadav slaps a man at Jaipur restaurant, says he has no regrets: ‘Aisa hi hoon main’#ElvishYadav #ViralVideo pic.twitter.com/9gw55u6bSV
— TIMES NOW (@TimesNow) February 12, 2024
يوٽيوبر هٿان چماٽ کائيندڙ همراهه بحث ڪرڻ لڳي ٿو جنهن تي ايلوش ياديو ٻيهر کيس مارڻ جي ڪوشش ڪري ٿو جنهن تي سندس ٽيم وچ ۾ پئي کيس ائين ڪرڻ کان روڪي ٿي.
سوشل ميڊيا واهپيدار طرفان به يوٽيوبر کي سندس ورتاءُ ڇتي تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، يوٽيوبر پوليس جي موجودگي ۾ هڪ شهري سان اهڙو ورتاءُ ڪيو، پر اڃا تائين سندس خلاف ڪو به ايڪشن ناهي ورتو ويو.