ارشد وارثيءَ کي پنهنجي شادي رجسٽر ڪرائڻ ۾ 25 ورهيه ڇو لڳا ؟ سبب سامهون اچي ويو

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) هندي سئنما جي نامياري اداڪار ارشد وارثي ۽ سندس گهرواري ماريا گورٽي شادي کي پنجويهه سال گذرڻ کانپوءِ ان جي رجسٽريشن ڪرائي ورتي آهي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، ارشد وارثي ۽ سندس گهرواري ماريا گورٽي 23 جنوري 2024ع تي عدالت ۾ پنهنجي شادي رجسٽر ڪرائي.
ان ڏس ۾ اداڪار چيو ته سندن ذهن ۾ ڪڏهن به شادي رجسٽر ڪرائڻ جو خيال نه آيو پر ويجهڙائي ۾کين ملڪيت وارن معاملن دوران ان جي اهميت جو احساس ٿيو آهي.
ارشد وارثي چيو ته جيڪڏهن ملڪيت جا معاملا نه هجن ها ته هو ڪڏهن به پنهنجي شادي رجسٽر نه ڪرائي ها ڇو ته پنجويهه ورهين کان هو ۽ سندس گهرواري هڪ مضبوط رشتي ۾ آهن تنهنڪري کين ڪڏهن به قانوني ڪارروائي جي ضرورت محسوس نه ٿي.
انٽرويوءَ دوران ارشد وارثي انڪشاف ڪيو ته هن 14 فيبروري محبت جي عالمي ڏهاڙي تي شادي ڪئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.