غير واضح چونڊ نتيجن سبب اسٽاڪ مارڪيٽ ٻڏي وئي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) غير واضح نتيجن سبب پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ٻڏي وئي، 100 انڊيڪس 2200 کان وڌيڪ پوائنٽون ڪِري پيو ۽ 61 هزارن جي نفسياتي حد برقرار نه رکي سگهيو.
پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ ڪاروباري هفتي جي پهرئين ئي ڏينهن سخت ٻاڙائي جو رجحان ڏٺو ويو.
100 انڊيڪس 61 هزارن جي نفسياتي حد کان به هيٺ اچي ويو، ٽريڊنگ دوران 2214 پوائنٽن جي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي.
ماهرن موجب غير واضح نتيجن سبب سيڙپڪارن جو اعتماد گهٽيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.